SLA Logo
آن لائين سنڌي لغتون

Online Sindhi Dictionaries

لفظ ٽائيپ ڪريو


سائنسي نظريو-رويو


بين الاقوامي تعلقات جي ڊڪشنريءَ مان:


سائنسي نظريو-رويو

Scientific Approach

سائنٽيفڪ اپروچ

بين الاقوامي لاڳاپن کي سمجهڻ جي هن طريقي ۾ سائنسي رويي يا ورتاءُ- واد (Behaviouralism) کي مُک ذريعو بنائڻ تي زور ڏنو ويندو آهي . ٻي مهاڀاري لڙائيءَ کان پوءِ مشهور ٿيل هن طريقي ۾ موضوع کان وڌيڪ اڀياسي ڏانءَ تي ان ڪري زور ڏنو وڃي ٿو ، جو بين الاقوامي لاڳاپن جي عمل ۾ سڀ کان اهم ڪردار انسانن جو هُجي ٿو ،تنهن ڪري انسانن ۽ سندن روين جي گهري مشاهدي بنا انهن لاڳاپن کي سمجهڻ ممڪن نه آهي . ’سائنسي طريقو پُراڻن دقيانوسي طريقن ۽ وِيچارن تي ڳنڍ ٻڌي بيهڻ بجاءِ ، سائنسي ڇنڊ ڇاڻ تي زور ڏيندي نفسيات ، سماجيات ۽ انسان علمن جي وچ ۾ رابطي ذريعي ، اڳواٽ طئي ٿيل مفروضن ، پاليسين ۽ قانوني پيچيدگين کان پاسو ڪرڻ جي صلاح ڏئي ٿو . اهڙي طرح هن رويي ذريعي چٽين حقيقيتن جو مُشاهدو ڪندي ، علمي بنيادن تي انهن جي اصليت پرکي ، بين الاقومي معاملن بابت راءِ جو اظهار ڪيو وڃي ٿو


Remember Me Also:

دارسي

اسم خاص. تعلقي شاهبندر ۾ هڪ ديهه جو نالو.

Let's Learn Sindhi

Online Sindhi Learning

SLA has developed online Sindhi Learning portal where non Sindhi speakers can easily learn Sindhi Language, which is developed from basic level to advance. This portal is based on Dr. Fahmida Hussain’s linguistic methodology of learning.

Visit the site

Virtual Books Library

SLA has developed virtual library where bulk amount of books in Sindhi Language’s history, learning, are posted as downloadable & online readable format. This library is developed for all platforms and systems for better access.

Visit the library

Portal for Sindhi Kids

For the Sindhi kids who are studying in primary schools, SLA has presented online academic songs extracted from their text books in musical structure. The soothing portal is ideal for Sindhi primary students.

Go to portal